ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صدر جنهن ڏينهن ٽوئيٽ ڪيو، ان ڏينهن اسان قانوني موقف واضح ڪيو، صدر جيستائين عهدي تي آهي ان خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي سگهي. اسان جي حڪومت ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو ان جا ذميوار اسان آهيون.ڳالهائيندي سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان جي نوجوانن ۽ مقامي ماڻهن بهادري سان ٻارن کي پروفيشنل انداز ۾ بچايو. وزيراعظم مقامي نوجوانن جي بهادري کان آگاهه آهي. وزيراعظم مقامي نوجوانن جي خدمتن جو اعتراف ڪندو.جڙانوالا سانحي بابت ڳالهائيندي مرتضيٰ سولنگي جو چوڻ هو ته جهرانوالا واقعو اوچتو نه ٿيندو آهي، ان جي هڪ تاريخ آهي، جنهن ۾ ملوث ماڻهن کي سزا ملندي.هن وڌيڪ چيو ته اسان آئين جو حلف کنيو آهي ۽ آئين جي پاسداري ڪنداسين. اليڪشن ڪميشن چونڊون ڪرائڻ لاءِ آئيني ادارو آهي. اليڪشن ڪميشن سمورا شيڊول پنهنجي ويب سائيٽ تي رکيا آهن. قانون ۾ چيو ويو آهي ته سياسي پارٽين کي چونڊ مهم لاءِ 54 ڏينهن ڏنا ويندا. صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي آئيني ذميواري آهي.نگران سڌ سماءَ واري وزير چيو ته جنهن ڏينهن صدر ٽوئيٽ ڪيو هو. اسان ان ڏينهن قانوني موقف واضح ڪيو هو ته جيستائين صدر جي عهدي تي آهي، تيستائين سندس خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهجي. اسان جي حڪومت ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو ان جا ذميوار اسان آهيون.هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به سياسي پارٽي کي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ جي آزادي آهي. اسان جو نه ڪو سياسي دشمن آهي ۽ نه ئي ڪو سياسي دوست، اسان ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جي حق يا خلاف نه آهيون. جيڪڏهن قانون، ادارا ۽ عدالتون ڪنهن جي خلاف ايڪشن وٺن ٿيون ته اهي بند نه ٿينديون.مرتضيٰ سولنگي چيو ته مهانگائي هڪ حقيقت آهي، ڪو به ملڪ مهانگو تيل خريد ڪري سستو وڪرو نٿو ڪري سگهي. اسان جي حڪومت ڪو به غلط ڪم نه ڪندي ۽ قوم جو پئسو ضايع نه ڪندي.










