جيالن جي گاڏي سان حادثو،5 ڄڻا فوت،قيادت طرفان افسوس جو اظهار

ڪراچي/شڪارپور (ويب ڊيسڪ)شڪارپور ويجهو ڪوئيٽا ۾ پيپلزپارٽي جي جلسي مان واپس موٽندڙ جيالن جي گاڏيءَ سان خوفناڪ حادثو پيش آيو، تيز رفتار ڪار ڪلٽي ٿي کاهيءَ ۾ ڪرڻ سبب نوشهروفيروز واسي 5 ڪارڪن فوت ٿي ويا، فوتين ۾ نادر چانڊيو، ڳهڻو خان ٽڳڙ، مظفر ڀٽو، شڪيل ميمڻ ۽ رضوان سومرو شامل آهن، فوتين جا لاش آر بي يو ٽي سول اسپتال منتقل ڪيا ويا، پيپلزپارٽي نوشهروفيروز ضلعي جي قيادت پاران حادثي ۾ 5 ڪارڪن فوت ٿيڻ تي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي،چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حادثي ۾ پ پ تعلقي نوشهروفيروز جي صدر سميت 5 ڄڻن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيوته تعلقي صدر خليفو شڪيل ميمڻ، مير نادر چانڊيو، رضوان سومرو، گهنو ٽئگر ۽ مظفر ڀٽو جي لاڏاڻي جي خبر افسوسناڪ آهي،خليفي شڪيل ميمڻ ۽ ٻيا مرحوم پارٽيءَ جو سرمايو هئا، پارٽي لاءِ سندن خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون،مون سميت سڄي پارٽي سوڳوار خاندانن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي، الله کين صبر جي توفيق عطا فرمائي،چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خليفي شڪيل ميمڻ ۽ مير نادر چانڊيو جي جنت فردوس جي دعا گهري،ڪوئيٽا ۾ جلسي ۾ شرڪت بعد خليفي شڪيل ميمڻ پنهنجي ساٿين سميت واپس نوشهروفيروز وڃي رهيو هو ته شڪارپور ويجهو سندس ڪار کي حادثو پيش آيو….پيپلز پارٽي عورت شعبي جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر جي جيالن جي لاڏاڻي تي افسوس ڪيو ترجمان موجب فريال ٽالپر حادثي ۾ پ پ تعلقي نوشهروفيروز جي صدر خليفي شڪيل ميمڻ سميت 5 نوجوانن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو.فريال ٽالپر حادثي ۾ خليفي شڪيل ميمڻ، مير نادر چانڊيو، رضوان سومرو، گهنو ٽگر ۽ مظفر ڀٽو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو، فريال ٽالپر چيو ته افسوسناڪ حادثي جي خبر ٻڌي ڏک ٿيو، الله تعاليٰ مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جاءِ عطا فرمائي،سوڳوار خاندانن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهيان، سندن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪريان ٿو،

پهنجو تبصرو موڪليو