جهول ۾ بيرحم پيءُ زال ۽ ڌيئرن کي تيز ڌار اوزار سان ڪُهي ڇڏيو

جهول (ن س ) جهول ڀرسان منگلي ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالله لغاري ۾ وحشي جوابدار پنهنجي زال ۽ ٻن معصوم نياڻين کي تيز رفتار اوزار سان ڪُهي قتل ڪري ڇڏيو.رپورٽ موجب سانگهڙ ڀرسان منگلي ٿاڻي جي حد ۾ هانءُ ڏاريندڙ واقعو پيش آيو آهي جنهن ۾ بي رحم پيءُ پنهنجي معصوم ٻارن 3 ورهين جي سانوڻ ۽ ڏيڍ ورهين جي شازيه کي تيز ڌار اوزار سان ڪُهي قتل ڪري ڇڏيو آهي. جوابدار شاد لغاري پهريان پنهنجي 35 ورهين جي گهر واري رُخسانه لغاري کي تيز ڌار سان اوزار سان ڪُهي قتل ڪيو جنهن کان پوءِ هُن پنهنجن معصوم ٻارن کي به ڪُهي قتل ڪيو.اهڙو اطلاع وارثن ۽ علائقي جي رهواسين منگلي پوليس کي ڏنو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جوابدار شاد لغاري کي تيز ڌار اوزار سان گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته فوتين جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سانگهڙ منتقل ڪيا ويا آهن جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو