جنت جا ٺيڪيدار اسان نه آهيون هي الله جو معاملو آهي: انيق احمد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نگران مذهبي معاملن واري وفاقي وزير انيق احمد چيو آهي ته جنت جا ٺيڪيدار اسان نه آهيون هي الله جو معاملو آهي ڪراچي ۾ انيق احمد جامعه بنوريه جي شاگردن ۽ استادن سان ملاقات ڪئي جنهن کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي انيق احمد چيو ته نگران وزيراعطم انورالحق ڪاڪر ڪجهه هدايتون جاري ڪيون آهن ان تي عمل ڪرڻو آهي انيق احمد چيو ته الف ب ۾ سين ۽ شين گڏوگڏ آهن اهڙِ طرح شيعا سني گڏوگڏ آهن اسان جي معاشري مان اعتراض ختم ٿي وڃي ته سب ٺيڪ ٿي وڃي سختيون ۽ منافقت سڀ کي ختم ٿيڻ گهرجي هن چيو ته ايندڙ اليڪشن سازگار ماحول ۾ ٿيڻ گهرجي قوم کي مايوسي مان نڪرڻو آهي مايوسي ڪفر آهي هن چيو ته روڊ ٽو مڪه رٿا تي ڪم ٿي رهيو آهي حاجين جي بهترين ختم ڪرڻ چاهيون ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو