جمشيد دستي وارو واقعو ڳڻتي جوڳو ان جي جانچ ٿيڻ گهرجي:اسدالله ڀٽو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي مرڪزي نائب امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو چيو آهي ته هنگ ۽ رٻڙ اسٽيمپ پارليامينٽ جوڙڻ ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ ڪونه آهي، جمشيد دستي وارو واقعو ڳڻتي جوڳو ان جي جانچ ٿيڻ گهرجي، مخالفن خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ سندن رستو روڪڻ سان چونڊن جي شفافيت مٿان سوال ٿيندا، جماعت اسلامي اسلام جو بابرڪت نظام قائم ڪرڻ لاءِ چونڊن ۾ حصو وٺي ٿي ڇو ته اسان ووٽ جي پرچي ذريعي انقلاب آڻڻ تي يقين رکون ٿا، رڳو سيٽون کٽڻ اسان جو مقصد ڪونه آهي بلڪه چونڊ مُهم ذريعي عام ماڻهن تائين پنهنجي دعوت ۽ پيغام پهچائڻ به مقصد آهي، ان شاالله فتح حق جي هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بدين ۾ جماعت اسلامي جي چونڊ جائزه اجلاس دوران اڳواڻن کي خطاب ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ نائب امير ضلع ۽ پي ايس 71 جي نامزد اُميدوار الله بچايو هاليپوٽو، اين اي 223 تي مولانا محمد موسى ملاح ۽ مقامي امير فتح خان کوسو سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. مولانا اسدالله ڀٽو وڌيڪ چيو ته پهرين جنوري تي سموري دنيا ۾ نئين سال جو جشن ملهايو ويو، پر ڪشمير ۽ فلسطين ۾ مسلمانن جي رت سان راند جاري رهي، نئين سال جي پهرين ڏينهن تي اسرائيلي فوج بمباري ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو جڏهن ته ٽن مهينن کان جاري بمباري ۽ زميني فوج جي ڪاروائين ۾ هن مهل تائين 30 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ نَو هزار معصوم ٻارڙا ۽ عورتون به شامل آهن. ٻي پاسي مسلم حڪمران ان سفاڪي ۽ بربريت تي مجرماڻي خاموشي اختيار ڪيون ويٺا آهن ان ڪري عوام 08 فيبروري جي چونڊن ۾ ديانتدار قيادت جي چونڊ ڪري ته جئين فلسطين سميت ڪشمير جي مظلوم مسلمانن جي پڻ ڳالهه ڪري سگهن. هوڏانهن مولانا اسدالله ڀٽو جي اڳواڻي ۾ جماعت اسلامي جو وفد اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جي ڀيڻ ۽ اڳوڻي ايم اين اي ارباب ذڪاالله جي والده جي وفات تي سندن اباڻي ڳوٺ کيت لاري پهچي تعزيت، مرحومه جي مغفرت، درجات جي بلندي ۽ سموري خاندان لاءِ صبر جميل جي دُعا پڻ ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو