جماعت اسلامي پاران21 ڊسمبر کان سنڌ ۾ دعوت الي الله مُهم هلائڻ جو اعلان

جماعت اسلامي پاران21 ڊسمبر کان سنڌ ۾ دعوت الي الله مُهم هلائڻ جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته ملڪ جون سياسي ۽ معاشي حالتون نازڪ موڙ تي بيٺل آهن ويتر سياسي ڇڪتاڻ ملڪ کي نئين بحرانن جي وَر چاڙهي ڇڏيو آهي، چونڊ اصلاحات ڪري عام چونڊن طرف پيشقدمي ڪرڻ گهرجي، جماعت اسلامي21 کان 05 ڊسمبر تائين دعوت الي الله مُهم هلائيندي، امير جماعت اسلامي سراج الحق 31 ڊسمبر کان سنڌ جي ٻن ڏينهن جي دوري تي بدين، ٺٽو ۽ حيدرآباد ۾ عوامي رابطه مهم جي سلسلي ۾ رٿيل جلسه عام کي خطاب ڪندو، جماعت اسلامي جا اڳواڻ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۽ عام چونڊن لاءِ ڀرپور تياري ڪن، جماعت اسلامي ظلم ۽ ناانصافي خلاف توِڙي اسلام جي عدل ۽ انصاف واري نظام جي نفاذ لاءِ جاکوڙ جاري رکندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قباء آڊيٽوريم ۾ ضلعي اميرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جي سمورن ضلعن جي اميرن ۽ جنرل سيڪريٽريز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٽہ ماهي ڪارڪردگي، سيلاب زدگان جي امداد توڙي بحالي وارين سرگرمين سميت دعوتي توڙي تنظيمي مامرن جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته سنڌ ۾ امن امان، مهانگائي سميت مختلف مسئلن جي حوالي سان قراردادون پڻ منظور ڪيون ويون. صوبائي امير پاڪ افغان سرحد ڇڪتاڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي ٻنهي ملڪن پاران هڪٻئي مٿان بداعتمادي قرار ڏيندي مطالبو ڪيو ته افغانستان حڪومت سان سڀئي مامرا مفاهمت سان حل ڪيا وڃن. هن چيو ته ڪيترائي مهينا گذرڻ باوجود سيلاب متاثرين جي دادرسي ناهي ٿي سگهي ۽ هوءَ حڪومتي امداد جي آسري تي ويٺل آهن، بحالي جو ڪم شروع ٿي سگهيو آهي نه ئي وري زمينن مان برساتي پاڻي جو نيڪال، پوري دنيا مان سيلاب متاثرين لاءِ ايندڙ امداد خبر ناهي ڪٿي وئي ۽ ڪيئن خرچ ٿي؟ محمد حسين محنتي زور ڏنو ته حڪومت سيلاب متاثرين جي بحالي لاءِ فوري ڪرپشن فري قدم کڻي سندن مسئلن کي ميرٽ جي بنياد تي حل ڪري ته جيئن هوءَ سُک جو ساه کڻي سگهن.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو