جماعت اسلامي پاران سنڌ ۾ چونڊ سرگرميون شروع ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ 28 نومبرتي سکر ۾ انتخابي ڪنونينشن ڪوٺائي سنڌ ۾ چونڊ سرگرميون شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،ڪنوينشن جي صدارت مرڪزي امير سراج الحق ڪندو جڏھن تہ مرد توڙي عورت صوبائي ۽ قومي اسمبلي لاءِ نامزد اميدوار شريڪ ٿيندا.جماعت اسلامي ڪنھن سان بہ اتحاد ڪونہ ڪندي پنھنجي جهنڊي ۽ نشان تي اليڪشن وڙھندي.جيڪي اتحاد سنڌ ۾ ٺھي رھيا آھن تن کي عوام جو ڪوالڪو نه آهي پنهنجن مفادن جا اسير آهن.انهن پي ڊي ايم حڪومت سميت ڪيترائي ڏھاڪا گڏجي حڪومت ۽سنڌ جي وسيلن جي ڀيل ڪئي آھي.اھڙن کان ڪنھن کي خير جي اميد ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر ھوندو.اھڙن خيالن جو اظھار جماعت اسلامي سنڌ جي اميرمحمد حسين محنتي قباء آڊيٽوريم ۾ ضلعي عھديدارن جي اجلاس کي خطاب دوران ڪيو.اجلاس ۾ ڪراچيءَ کان ڪشمورسموري سنڌ مان ضلعي عھديدارشريڪ ھئا.جنهن ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال،چونڊن جي تيارين، فسطين مامري سميت ٻين دعوتي ، تنظيمي سرگرمين جو پڻ جائزو ورتو ويو.صوبائي امير جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ مدي خارج نظام توڙي حرام خوري قيادت خوشحال سنڌ جي عوام کي پٿر واري دور۾ ڌڪي ڇڏيو آھي. جنھن جي ڪري سنڌ جو ھر شھر ۽ شعبو تباھي جو ڏيک ڏيئي رھيو آھي.ايندڙسال 8 فيبروري جو ڏينھن ھڪ اھم معرڪي جي حيثيت رکي ٿو.سنڌ جو عوام جيڪڏھن واقعي چور ۽ نا اھل قيادت کان نجات توڙي خوشحال سنڌ ڏسڻ چاھي ٿو تہ پوءِ ان کي مخلص ۽ ايماندار قيادت جي چونڊ ڪرڻي پوندي . ھن چيو تہ فلسطين مسئلي جي ڪري مسلمان امت سميت پوري دنيا ۾ ھڪ بيداري جي لھر پيدا ٿي آھي.حماس ۽ فلسطين جھاد واري جذبي کي زندہ رکيو آھي. او آءِ سي توڙي عرب ليگ جو ڪردار شرمناڪ آھي اھي ڪاعملي مددڪرڻ بدران صرف صرف مذمتي بيان ۽لاش ڳڻڻن ۾ پورا آھن،جيڪڏهن اهي غيرت جو مظاهرو ڪري اسرائيل،امريڪا توڙي ساٿاري بڻيل ملڪن جوتيل گئس ۽ سفارتي لاڳاپا ختم ڪن ته اسرائيل گوڏاکوڻڻ تي مجبور ٿي پوندو.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو