جماعت اسلامي وفد جي يونس ڊاھاگا سان ملاقات

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي جي قيادت ۾ جماعت اسلامي جي ٽي رڪني وفد سنڌ جي صوبائي وزير براءِ ريونيو ۽ ڪامرس محمد يونس ڊاھاگا سان سندس آفس سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات ڪئي. جماعت اسلامي جي وفد کيس ريو نيو کاتي ۾ ڪرپشن جي ڀرمار خاص طور زمينن جا جعلي کاتا ٺاھڻ،جعلي سوسائٽين ذريعي ماڻھن کان ڦر مار، مختيار ڪار ۽ تپيدار سسٽم ذريعي سنڌ جي ڀينگ ڪندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي گهر ڪئي تہ کاتي ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ اثرائتا اپاءُ کنيا وڃن.ڪنھن بہ آفيسر کي وڌ کان وڌ ٽي سال کان وڌيڪ سيٽ تي ھر گز ويھڻ نہ ڏنو وڃي ان لاءِ ضروري آھي تہ سنڌ ۾ جاري “سسٽم” ۽ ڪرپٽ عملداران کان عوام کي نجات ملي سگهي. وفد ڏھرڪي توڙي نوري آباد جي انڊسٽريل ايريا ۾ ايمبولينس ۽ فائربرگيڊ نہ ھجڻ توڙي پورھيتن کي ھيلٿ سيفٽي جااوزار سميت سھولتون نہ ھجڻ کان پڻ ڄاڻ ڏني جڏھن تہ امير مسلم ھاني جي واٽرڪميشن جي فيصلن تي عملدرآمد جي پڻ گھر ڪئي. وفد ڪراچي کان سواء سنڌ جي ٻين شھرن ۾ بہ ٽيڪسٽائل سٽي جوڙڻ واري فيصلي تي عملدرآمد نہ ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي زور ڀريو تہ فيصلي تي عمل ۽ تمام صنعتن کي پاڻي بجلي گئس جون سھولتون مناسب اگھ ۾ فراهم ڪيون وڃن جڏھن تہ صنعتن جي قيام سميت مڙني مسئلن جي حل لاءِ ون ونڊو آپريشن ڪيو وڃي تہ جئين سنڌ ۽ سنڌ جو عوام بہ مھانگائي بيروزگاري مان نجات ۽ ترقي ڪري سگھي صوبائي وزير يقين ۽ ان عزم جو اظھار ڪيو تہ جيسيتائين آھيون وس آهر سنڌ جي تعمير ۽ ترقي توڙي کاتي جا مسئلا حل ۽ عوام جي لاءِ آسانيو پيدا ڪري سنڌ ۾ جاري “سسٽم” سميت جڙتونظام ختم ڪيو ويندو. وفد ۾ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري محمد مسلم ۽ اطلاعات سيڪريٽري مجاھد چنا پڻ شامل ھئا۔#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو