ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي سراج الحق جي هدايت تي صوبائي اڳواڻ عبدالحفيظ بجاراڻي جي قيادت ۾ جماعت اسلامي جي وفد چڪ شهر پهچي ڪري شهيد صحافي جان محمد مهر جي وارثن سان تعزيت، درجات جي بلندي ۽ پوئنرن لاءِ صبر جميل جي دُعا ڪئي. جڏهن ته سراج الحق ۽ محمد حسين محنتي پڻ فون تي تڏي تي ويٺل وارثن سان تعزيت ۽ واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت شهرين جي جان توڙي مال جي حفاظت ۾ ناڪام وئي آهي جان محمد مهر جي قتل کي ٻه ڏينهن ٿي وڃڻ باوجود قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ ان جو چٽو ثبوت آهي. هنن قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏيڻ جي گهر ڪئي آھي. وفد ۾ مولانا حزب الله جکرو، وڪيل سلطان لاشاري، سيد نظام الدين شاه ۽ زبير حفيظ شامل هئا .
