جماعت اسلامي پاران عام چونڊن لاءِ اُميدوارن جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ 08 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ نامزد اميدوارن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي، صوبائي ترجمان مجاهد چنا موجب پهرين مرحلي ۾ ڪراچي ڊويزن جي صوبائي توڙي قوم تڪ جي اُميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ڪراچي جي 22 قومي ۽ 47 صوبائي سيٽن تي مرڪزي نائب امير ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي اين اي 235، سنڌ جو نائب امير ممتاز حسين سهتو اين اي 229، ڪراچي جو امير حافظ نعيم الرحمن اين اي 246، 250 ۽ پي ايس129، اڳوڻو ايم پي اي سيد عبدالرشيد اين اي 240 ۽ پي ايس 106، اڳوڻو ايم پي اي يونس بارائي پي ايس 99، محمد فاروق نعمت الله پي ايس 125، ڊاڪٽر اُسامه رضي اين اي236، ذڪر محنتي پي ايس 109 ۽ حماد الله ڀٽو پي ايس 98 تي نمايان طور شامل آهن، هن ڀيري جماعت اسلامي جا مرڪزي اڳواڻ مولانا اسدالله ڀٽو، راشد نسيم ۽ سنڌ جو امير محمد حسين محنتي چونڊن ۾ اُميدوار ڪونه آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو