ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ بلدياتي چونڊن جي نتيجن خلاف جماعت اسلامي اڄ سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته ڪراچي جو ميئر جماعت اسلامي جو هوندو.هن 10 تڪن ۾ ٻيهر ڳڻپ لاءِ عدالت وڃڻ جو به اعلان ڪيو. جماعت اسلامي جو اهم اجلاس اڄ منصوره ۾ سڏايو ويو آهي.










