جعلي ڊالر وڪري جو انڪشاف،ملوث جوابدار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايف آءِ اي جي ڪمرشل بئنڪنگ سرڪل ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪري جعلي ڊالرن جي وڪري ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. ڪمرشل بئنڪنگ سرڪل ڪراچي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر علي مراد موجب جوابدار عبدالله شهرين کي گهٽ قيمت جي آڙ ۾ جعلي ڊالر وڪرو ڪندو هو، سندس قبضي مان 1600 جعلي آمريڪي ڊالر برآمد ڪيا ويا. ايف آءِ اي ترجمان موجب هڪ متاثر شهري جي درخواست تي ڪارروائي ڪئي وئي ۽ گرفتاري لاءِ ٽيڪنيڪي وسيلا استعمال ڪيا ويا، جوابدار کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو