ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ علي پلھ، ڪراچي جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ رحمان ڏنو مهيسر، آئي ايل ايف اڳواڻ ايڊووڪيٽ ظهور محسود، ايڊووڪيٽ عبدالوهاب بلوچ، ايڊووڪيٽ جليل احمد مروت، ايڊووڪيٽ ناصر يوسف، ايڊووڪيٽ فياض سمور ۽ ٻين وڪيلن شرڪت ڪئي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ايڊڊوڪيٽ علي پله چيو ته جشن آزادي جو ڏهاڙو هر پاڪستاني عيد وانگر ملهائيندو آهي پي ٽي آئي پوري سنڌ ۾ 14 اگست جو ڏهاڙي جوش جذبي سان ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي مگر ڪجه قوتون اسان کي جشن آزادي ملهائڻ کان روڪي رهيون آهن ڇا اسان پاڪستاني ناهيون، جشن آزادي ملهائڻ جو تياريون سموري سنڌ ۾ جاري آهين اگر اسان کي روڪڻ جي ڪوشش ٿي ته عدالت سان رجوع ڪنداسين، جشن آزادي جون تياريون ڪرڻ تي ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، جيمس آباد ۾ پي ٽي آئي اڳواڻ کي گرفتار ڪري ڪوڙيون ايف آئي آرون داخل ڪيو ويون جنهن جي سخت مذمت ڪريون ٿا هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف دنيا جي 8هين نمبر تي وڏي ۾ وڏي ۽ پاڪستان ۾ پهرين نمبر تي وفاقي جماعت آهي باقي پارٽيون ڪي صوبائي سطح تائين ته ڪي ريجنل سطح تائين محدود ٿي ويو آهن تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان آهي جنهن کي پوري دنيا تسليم ڪري جنهن کي ڪوڙي توشا خانه جي ڪيس ۾ بغير دفاع جي حق ڏيڻ جي سزا ڏني ويئي آهي عمران خان کي اڊيالا جيل اماڻ بجائي اٽڪ جيل ۾ اماڻي ازيتون ڏنيون پيون وڃن جنهن جي سخت مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته رويو اينڊ آرڊ جي جي ايڪٽ کي قلعدم قرار ڏيڻ جي آجيان ڪيون ٿا هڪ فرضي پارليمينٽ جي ذريعي چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ جا پاور کسڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. آئي ايل ايف اڳواڻ ظهور محسود چيو ته جيل ۾ عمران خان سان زيادتيون ٿي رهيون جيڪي جيل رولز جي خلاف آهن پاڪستان جي عوام موجوده نظام مان بيزار اچي چڪي آهي رولز آف لاءِ ڪٿي نظر نٿو اچي، ايڊڊوڪيٽ وهاب بلوچ چيو ته اسان کي ڪنهن به اداري سان ڪو شڪوه ناهي پر اسانجي پارٽي ۽ چيئرمين عمران خان سان جيڪي زيادتيون ٿي رهيون آهن ان جي مذمت ڪريون ٿا.ڪراچي جي جنرل سيڪريٽري ايڊڊوڪيٽ رحمان ڏنو مهيسر چيو ته پاڪستان جي ڪنهن به پارٽي سان اهڙو سلوڪ نه ڪيو ويو هو جهڙي هن وقت سان جي پارٽي سان ڪيو پيو وڃي انصاف هائوس ڪراچي جي مين شاهراه تي قائم آهي عدالت جي حڪم باوجود اسان کي پنهنجي گهر ۾ وڃڻ جي اجازت نه ڏني ويئي ملڪ ۾ قانون جي پائماني ٿي رهي آهي اسان جو جيڪو قانوني آهي ان حق کان اسان کي رڪيو پيو وڃي ڪوڙيون آيف آئي آرز ڪٽيون پيون وڃن وقت هميشه هڪ جهڙو ناهي رهندو.
