ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو.سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سنڌ جي نگران وڏي وزير کان حلف ورتو.گورنر هائوس سنڌ ۾ تقريب ۾ مراد علي شاهه، اڳوڻي وزيرن، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي سميت سياسي اڳواڻن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ پرڏيهي سفارتڪارن، واپارين ۽ فوجي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.
