جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاج

ڪراچي(نمائندن وٽان)مانجهند ۾ سکر جي صحافي شھيد جان محمد مهر جي خون سان انصاف لاء صحافين جي سڏ تي احتجاجي ريلي نٽھڻ اس ۾ 2 ڪلاڪ ڌرڻو مانجهند ۾ پريس ڪلب طرفان شھيد صحافي جان محمد مهر جي خون سان انصاف نه ٿيڻ خلاف صحافين سياسي سماجي ڌرين ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي شاهي بازار مان ريلي ڪڍي مين چوڪ تي 2 ڪلاڪ نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي صحافي يوسف عمراڻي گلزار ملاح محرم خاصخيلي محسن خاصخيلي ايس ٽي پي اڳواڻ گوتم چنا ايس يو پي اڳواڻ بابل لطيف کوسو ن ليگ اڳواڻ لياقت ملاح جسقم جي اڪرم الدين کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت حق سچ لکڻ تي سکر جي سينئر صحافي شھيد جان محمد مهر کي بي گناه قتل ڪيو پر سندس خون سان انصاف نه ٿي سگهيو آھي جنهن ظلم خلاف جدجهد جاري رهندي.

شهدادڪوٽ:شهدادڪوٽ ۾ پريس ڪلب شهدادڪوٽ جي سڏ تي سکر ۾ شهيد ٿيل سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، پريس ڪلب شهدادڪوٽ جي صحافين ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن صحافي شاهد اعواڻ، سڪندر لغاري،ساجد ضمير کرل، صدام سولنگي، شهري اتحاد جي صدر وهاب پندراڻي، قوم پرست اڳواڻ حبدار ميرجت، ايس يو پي اڳواڻ الله داد خشڪ، رميز تونيو، آصف مگسي، ايس ٽي پي اڳواڻ داد محمد کنڊ، نواز ليگ اڳواڻ وشال پلياڻي، تخت راء، شعبان جمالي، ايڊووڪيٽ ابرار سومرو، شيعا اڳواڻ سيد اڪبر شاه، منور منگي، مزدور اڳواڻ ڪامريڊ عرس سيلرو، جسقم اڳواڻ صدر قريشي، آغا ڪالاڻي، نوشاد سومرو، ذوالفقار سيلرو، راجا شيخ ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن پريس ڪلب اڳيان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي نٽهڻ اُس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد جان محمد مهر کي سکر جي وچ آبادي واري علائقي ۾ سرعام گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي، هنن چيو ته شهيد جان محمد مهر جو قتل سنڌ جي شعور جو قتل سمجهون ٿا مظاهرين شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي ڦوري طور تي گرفتار ڪري سنڌ جي صحافين کي تحفظ فراهم ڪري صحافين، سياسي، سماجي اڳواڻن، ۽ شعور وند ماڻهن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

محرابپور :سکر جي شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاء ڏنل مرڪزي ميڊيا ھائوس محرابپور جي سڏ تي نوشھروفيروز ضلعي ۽ خيرپور ضلعي جي سوين صحافين سنڌ صحافي سنگت سنڌ جي مرڪزي وائيس چيئرمين بچل ھنڱورو , خيرپور صحافي اتحاد جي صدر غلام حسين چانگ , خير محمد عامر , حسين بخش ڪٻر , مولابخش ٿيٻو عبدالرزاق لاشاري شفيع محمد ملاح دودل نوحپوٽو مجاھد سامٽيو محسن ملاح قاضي اياز عالم ۽ ٻين جي اڳواڻي م مرڪزي ميڊيا ھائوس محرابپور کان احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي مظاھرين جي ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ۽ ھٿن م پلي ڪارڊ ھيا جن تي مختلف نعرا لکيل ھيا ھن مظاھري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته جان محمد مھر کي سکر وچ شھر م سري عام گولين جو بک بڻائي شھيد ڪيو ليڪن پوليس ھن مھل تائين قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگھي آھي ھنن چيف جسٽس پاڪستان آء جي سنڌ ۽ ٻين بالا حڪام کان مطالبو ڪيو ته شھيد جان محمد مھر جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن ورنا احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

نوشھرو فيروز : سنڌ جي بھادر صحافي جان محمد مھر کي سکر ۾ بيدردي سان شھيد ڪرڻ ۽ سنڌ پوليس جي مجرمانـ خاموشي خلاف مٺياڻي جي قلم ڌڻين پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو جنھن ۾ شھرين سياسي سماجي ڌرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ـ احتجاج جي اڳواڻي صحافي شوڪت ملڪ ـ مظفر علي سھتو ـ امير علي ملڪ ـ زوار حسين چانڊيو ـ منظور علي ملڪ ـ مختيار علي سھتو ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا ـ ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تـ سنڌ ۾ سچ لکندڙ صحافين کي سچ لکڻ جي ڏوھ ۾ بيدردي سان قتل ڪري ۽ سندن آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر کين ٻڌائڻ ٿا چاھيون تـ اوھان ڪڏھن بـ حق ۽ سچ جي آواز کي دٻائي نٿا سگھو ـ سندن وڌيڪ چوڻ ھو تـ شھيد صحافي جان محمد مھر ھڪ ايماندار ۽ بھادر صحافي ھو جنھن ھتان جي ڀوتارڪي ڪلچر کي ڌنڌولي ڇڏيو ھو جنھن سبب ھن کي ٽارگيٽ ڪري ۽ شھيد ڪيو ويو آھي جڏھن تـ قاتل ۽ سندن سھولتڪار ھن وقت بـ آزاد گھمن پيا ـ سندن چوڻ ھو تـ آء جي سنڌ کي فورن ايس ايس پي سکر کي معطل ڪري ۽ جي آء ٽي جوڙي جاچ ڪري ۽ جلد از جلد قاتلن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي نـ تـ ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ شٽر بند ھڙتال ڪئي ويندي ـ احتجاج ۾ پ پ اڳواڻ رائو طفيل راجپوت ـ ايس ٽي پي اڳواڻ ڪامريڊ حبيب الله مشوري ـ آصف علي چانڊيو ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي

سکر: سييئر صحافي شهيد جان محمد مهر جي قاتلن, سهولتڪارن ۽ سرپرستن جي گرفتاري لاء صحافي, وڪيل, سياسي , سماجي , شھري ۽ واپاري تنظيمون سراپا احتجاج بڻجي ويون سکر پريس ڪلب کان احتجاجي ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي ۔سکر يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي سکر , لاڙڪاڻو ۽ حيدر آباد  ڊويزن جي صحافين سکر جي سياسي سماجي شهري تنظيمن جي اڳواڻن پاران سکر پريس ڪلب کان ايس يو جي جي صدر امداد بوزدار جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ڌرڻي ۾ پاڪسٿان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي خزانچي لالا اسد پٺاڻ ,  خصوصي طور تي شرڪت جڏھن ته ڪراچي کان آيل سينيئر صحافين وحيد راڄپر , احسان لاشاري , حيدر آباد جي سينيئر صحافين جئه پرڪاش موراڻي , اقبال ملاح , لاڙڪاڻو , خيرپور , شڪارپور , جيڪب آباد , ڪشمور ڪنڌڪوٽ سميت روهڙي , پنو عاقل , صالح پٽ شڪارپور جي ننڍن وڏن شھرن جي صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ڌرڻي ۾ شريڪ صحافين جي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ , ايڊووڪيٽ قربان ملاڻو , اقبال ملاح , احسان لاشاري , وحيد راڄپر , جئه پرڪاش , امداد بوزدار , سيد احقر رضوي , چوڌري ارشاد , سليم سهتو , جاويد جتوئي , شھزاد تاباڻي ۽ ٻين چيو ته شھيد جان محمد مهر سموري سنڌ جي مظلوم ماڻھن جو آواز هيو کيس سکر جي مصروف ترين علائقي ڪوئنس روڊ وٽ سر عام گوليون هڻي قتل ڪرڻ  سخت مذمت جوڳو عمل آهي هنن چيو ته جان محمد مهر جي قتل واري واقعي تي پوليس جو ڪردار شڪي لڳي ٿو سکر پوليس شهيد جان محمد مهر جي قاتلن , سهولتڪارن ۽ سرپرستن کي بچائي رهي آهي جنهن جي مذمت ڪيون ٿا هنن مطالبو ڪيو آهي ته شھيد جان محمد مهر جي قتل واري واقعي جي جاچ اعلي سطحي جوڊيشل انڪوائري لاء جي آئي ٽي جوڙي وڃي جنهن ۾ صحافين ۽ وڪيلن کي به شامل ڪيو ته جيڪا صاف شفاف انڪوئري ڪري واقعي جون اصل حقيقتون سامهون آڻي قاتلن , سهولتڪارن ۽ سرپرستن کي وائکو ڪري نه ته ٻي صورت ۾ ڊي آئي جي آفيس , آئي جي سنڌ , سي ايم هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو