ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سينيئر صحافي شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سنڌ جي صحافين پاران سي ايم هائوس آڏو مارچ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن،سنڌ جي مختلف شهرن مان صحافي ڪراچي پريس ڪلب آڏو گڏ ٿي ويا،صحافتي تنظيم ۽ سول سوسائٽي پاران ڪراچي پريس ڪلب کان سي ايم هائوس ڏانهن مارچ ڪيو ويندو،صحافي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته جان محمد مهر جي قتل کي 3 مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي پر قاتل گرفتار نه پيا ڪيا وڃن
