سکر (ن س )سکر ۾ سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قتل کانپوءِ اسپتال ۾ غفلت جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن تي صحت کاتي انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.صحت کاتي پاران اسپتال ۾ لاپرواهي تي 3 رڪني انڪوائري ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ڊاڪٽر شهاب الدين جي سربراهي ۾ ڪميٽي سڀاڻي جاچ شروع ڪندي.نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي 5 ڏينهن اندر جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪندي.
