تڪ اين اي 242 تان ڪمال جو شهباز جي حق ۾ هٿ مٿي

لاهور: (بيورو رپورٽ) ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ(ن) وچ ۾ عام چونڊن ۾ ڪراچي جي تڪ اين اي 242 تي سيٽ ايڊجسٽمينٽ لاءِ اتفاق ٿي ويو آهي. ايم ڪيو ايم گذريل ڏينهن وزيراعظم جي لاءِ نوازشريف کي ووٽ ڏيڻ جو اعلان ڪي هو. امين الحق چيو هو ته ايم ڪيو ايم وزيراعظم جي اميدوار لاءِ نوازشريف کي سپورٽ ڪندي. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم اين اي 242 شهباز شريف کي ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته اين اي 242 جي صوبائي سيٽن تي ايم ڪيو ايم پنهنجو اميدوار بيهاريندي.ذريعن موجب مسلم ليگ(ن) ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي 5 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 11 سيٽن تي اميدوار بيهاريندي. ذريعن ٻڌايو آهي ته اين اي 242 تي ايم ڪيو ايم جي هٿ کڻڻ لاءِ شهباز شريف جو خالد مقبول سان رابطي جو امڪان آهي ۽ شهباز شريف سان ڳالهين کان پوءِ معاملو رابطه ڪميٽي آڏو رکيو ويندو.نجي ٽي وي موجب ايم ڪيو ايم جو مصطفيٰ ڪمال ڪراچي جي تڪ 242 تان شهباز شريف جي حق ۾ هٿ کڻڻ جي لاءِ تيار ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو