تنگواڻي (ن س) تنگواڻي ويجهو هٿياربندن پلاند ۾ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، ڳوٺ ارباب باجڪاڻي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو هٿياربند گوليون هڻي شاهد پٽ عبدالرزاق باجڪاڻي کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا وارثن موجب ڪجهه مهينا اڳ پوليس هٿان ڀنگوار ڌر جو هڪ ڄڻو مارجي ويو هو، ان جي پلاند ۾ نوجوان کي قتل ڪيو ويو نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو










