تعليم قومن جي ترقي ۽ ثقافت جو واحد ذريعو آھي:جميل سومرو

تعليم قومن جي ترقي ۽ ثقافت جو واحد ذريعو آھي:جميل سومرو

نئون ديرو ( ن س) هر قوم جي ترقي ۾ تعليم جو اهم ڪردار رهيو آھي چوهاڻ برادري اگر دنيا جي ترقي يافتہ ملڪن جي صف پاڻ کي ڏسڻ چاهي ٿي پنهنجي برادري کي علم جي زيور سان آراستہ ڪرڻ لاء فورم ۾ تعليم جي حاصلات کي پنهنجي منشور جو حصو بڻائي ته ٿوري وقت ۾ هر شھر ۾ سندن مان مرتبو وڌي ويندو، چوهان ويلفيئر فورم طرفان منعقد ٿيل سيمنار کي خطاب رپورٽ موجب سيمينار منعقد ڪيو ويو ان موقعي تي چيف گيسٽ بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو خطاب ڪندي چيو ته تعليم قومن جي ترقي ۽ ثقافت جو واحد ذريعو آھي اگر ڪائي به برادري پنهنجي پاڻ ترقي يافتہ ملڪن جي صف ۾ ڏسڻ چاهي ٿي ته پنهنجي قبيلي ۽ خاندان کي تعليم جهڙي زيور سان آراستہ ڪرڻ لازمي آهي چوهاڻ برادري جو به تعليم بنيادي حق آھي ان موقعي تي چوھاڻ ويلفيئر فورم جي آرگنائيزر بابر رمضان چوھاڻ چيو ته چوهاڻ ويلفيئر فورم چوهاڻ ڪميونٽي جي ماڻھن کي تعليم ڏياري ۽ سندن همٿ افزائي ڪئي وڃي ان موقعي تي مختلفن چوهاڻ ويلفئير فورم جي ڪو آرڊينيٽرن جنھن ۾ علي اڪبر چوهاڻ ۔ نياز علي چوھاڻ ۔ راجا ریاض حسین، محمد شریف، عاشق علي، ظفر چوھاڻ۔ حسين بخش۔ آصف علي۔ خير محمد محمد جمن،محمد مراد۔ حاجي فتح علي۔ پرويز علي۔ زاھد علي ۽ پنجاب کان آيل محمد امتیاز، اعجاز احمد ۔ ثناء الله چوهاڻ سميت چوهاڻ برادري جي اڳواڻن شرڪت ڪئي سيمنار ۾ شريڪ ٿيندڙ مهمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ ، ٽوپي ۽ شيلڊ جا تحفا ڏنا ويا،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو