تدريسي قوت جيتري بهتر هوندي، اوترو ئي معاشرو پائيدار هوندو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ جي پائيدار ترقي ۽ خوشحالي جو دارومدار بهترين تدريسي نظام تي هوندو آهي، تدريسي قوت جيتري بهتر هوندي، اوترو ئي معاشرو پائيدار هوندو ۽ ٽيچنگ گريجوئيٽس ئي سماج جي ترقي ۾ حقيقي ڪردار ادا ڪندا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن حسين آباد جي ڪنوينشن 2023ع جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ تعليم واري صوبائي وزير ڊاڪٽر رعنا حسين، ڪراچي يونيورسٽي جي وائس چانسلر خالد عراقي، محمد علي طبه، سي اي او دوربين سلميٰ ميمڻ، شهزاد راءِ، خالد محمود ۽ ٻين شرڪت ڪئي. نگران وڏي وزير ان کي شاندار ڪاميابي قرار ڏيندي چيو ته حسين آباد ٽيچرز ٽريننگ ڪاليج جي پهرين بيچ دوربين جي اڳواڻي ۾ گريجوئيشن جو عمل مڪمل ڪري ورتو آهي. هن چيو ته دوربين 2019 ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪاليج جو نظام سنڀاليو ۽ اڄ اسان ان سهڪار جا نتيجا پهرين بيچ جي شاندار ڪاميابي جي صورت ۾ ڏسي رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته اڄ انهن شاندار گريجوئيٽس نه رڳو پڙهائي ۾ بهتر ڪارڪردگي جي مظاهرو ڪيو پر اهي پوزيشنون به حاصل ڪيون، جيڪي انٽري ليول بينڪنگ ۽ طبي ماهرن جي مقابلي ۾ گهربل آهن. هاڻي اهي تعليم جي واڌاري لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون ۽ زندگي ٽرسٽ گورنمينٽ اسڪول، خاتونِ پاڪستان ۽ ايس ايم بي فاطمه جناح تعليم جي حوالي سان بهتر ڪم ڪري رهيون آهن ۽ مستقبل جا معمار تيار ڪيا پيا وڃن. جسٽس باقر چيو ته تدريسي پيشي ٻين سمورن پيشن کي جنم ڏنو آهي، تعليم ڪنهن به قوم جي ترقي ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ جي استحڪام ۽ مضبوطي جو دارومدار ان جي تعليمي افرادي قوت تي هوندو آهي، هتي گريجوئيٽ ڪندڙ شاگردن ۾ روشن مستقبل ۽ سماج کي سنوارڻ جي ڀرپور صلاحيت آهي. وڏي وزير چيو ته سرڪاري اسڪول تعليمي طاقت جي علامت بڻجي ويا آهن جتي سڀني شاگردن کي بنا ڪنهن فرق جي برابري جي بنياد تعليم ڏني وڃي ٿي ته جيئن سماج ۾ توازن برقرار رهي. هن وڌيڪ چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائڻ جو انتخاب سماج جي بهتري جي عڪاسي ڪري ٿو، اهي گريجوئيٽس اسان جي تعليمي نظام ۾ روشني وجهندا ۽ پاڪستان جي تعليمي نظام کي دوربين ذريعي نئين سر تعمير ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. سنڌ جي نگران وڏي وزير ان ڳالهه تي فخر جو اظهار ڪيو ته سڀئي گريجوئيٽ ٽيچنگ لائسنس حاصل ڪرڻ کانپوءِ سرڪاري استاد ٿيڻ جا اهل هوندا. جسٽس (ر) مقبول باقر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هو سماج کي درپيش چيلينجز جهڙوڪ ماهرن جي کوٽ ۽ اڻ برابري کي ختم ڪري سماج کي صحيح رخ ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ۽ ذاتي مفادن کي پاسي تي رکي قوم جي تعمير ۾ پنهنجو حصو ۽ سماجي ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪن. وڏي وزير گريجوئيٽس جي تعليمي ڪاميابين کي ساراهيندي چيو ته تبديلي تعليم ذريعي ئي ممڪن آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو