ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (SPSC) تازو ئي ميونسپل آفيسر (BPS-17) جي پوسٽ لاءِ اهل اميدوارن جي انٽرويو جي نتيجن جو اعلان ڪيو آهي. لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ پنهنجي پريس رليز نمبر PSC/Exam (S.S)/2023/500 dated19.10.2023 ذريعي ضابطن جي تحت مقرر ڪيل سڀ ضروري رسمي ڪارروائيون مڪمل ڪيون. بهرحال، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سوشل ميڊيا تي ڪجهه ناپسنديده عنصرن پاران شروع ڪيل بدنيتي تي ٻڌل مهم/الزامات تي افسوس جو اظهار ڪندي واضح ڪيو ته اهي الزام بي بنياد ۽ بنا ڪنهن ثبوت جي آهن. سياسي شخصيتن سان گڏ صرف چند ماڻهن جون تصويرون پوسٽ ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ انهن الزامن کي صحيح ثابت نٿيون ڪن ڇو ته پاڪستان جي هر شهري کي آزادي ۽ اظهار جي آزادي جو حق آهي. عوام جي ڄاڻ لاءِ واضح ڪيو وڃي ٿو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي منعقد ڪيل ميونسپل آفيسر (BPS-17) جي لکت واري امتحان ۾ 105,748 اميدوارن شرڪت ڪئي جن مان 1,440 (1.3 سيڪڙو اميدوارن) تحريري امتحان پاس ڪيو. ان کان علاوه، 1,440 اميدوارن مان جن کي انٽرويو لاء سڏيو ويو، صرف 418 اميدوارن (29 سيڪڙو اميدوارن) جن مجموعي (لکيل ٽيسٽ ۽ انٽرويو) ۾ وڌ ۾ وڌ مارڪون حاصل ڪيون انهن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. واضح رهي ته اعليٰ سطحي انٽرويو ڪميٽي کي مناسب اميدوار نه ملڻ سبب 46 پوسٽون خالي رهجي ويون آهن. اهي نتيجا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي شفاف ۽ منصفاڻي عمل جو چٽو ثبوت آهن. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران عوام کي آگاهي ڏني وئي ته ميونسپل آفيسر جي پوسٽ لاءِ سفارش ڪيل 82 اميدوارن ٽائون آفيسر جو لکت وارو امتحان پڻ پاس ڪيو آهي. اهڙي طرح 72 ڪامياب اميدوارن (جيڪي ميونسپل آفيسر ۽ ٽائون آفيسر ٻنهي جي تحريري ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيا هئا) مٿي ذڪر ڪيل 82 اميدوارن سان گڏ اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ JEST/PST جي پوسٽن لاءِ IBA، سکر جي لکت واري ٽيسٽ ۾ پڻ ڪواليفائي ڪيوهو. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ان ڳالهه تي به زور ڏنو آهي ته گذريل 12 مهينن دوران تقريبن 5000 اميدوارن کي ليڪچرار/ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ/ ڊاڪٽرز/ سرجنز/ رينج فاريسٽ آفيسرن/ نرسنگ انسٽرڪٽرز/ اسٽاف نرسز/ اسسٽنٽ اڪائونٽس آفيسر وغيره جي مختلف پوسٽن تي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. سنڌ حڪومت پنهنجي حڪمت عملي تي سختي سان عمل ڪندي دانشمندي، انصاف، شفافيت ۽ اهليت جي بنياد تي حاصل ڪيل نتيجا جاري ڪيا آهن. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن چند ماڻهن/سوشل ميڊيا گروس جي طرفان شڪي نيت سان هن آئيني اداري تي لڳايل الزامن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن واضح ڪري ٿو ته هو پنهنجا امتحان، ٽيسٽ ۽ انٽرويوز پنهنجي مينڊيٽ موجب، غير جانبداري ۽ شفافيت سان، بنا ڪنهن دٻاءَ جي، ڪنهن به ڪوڙي الزام کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ جاري رکندو.
