حيدرآباد (ن س ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مھيسر، مرڪزي خزانچي علي محمد پرويز، مرڪزي اڳواڻ نور نبي پليجو ۽ گھنور خان زئور پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي تہ پنجاب جو حُڪمران طبقو گذريل ڏيڍ صديء کان سنڌ جي حصي پتيء جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻندو ۽ پنهنجون غيرآباد زمينون آباد ڪندو ۽ سنڌ جي سر سبز زمينن کي ويران ۽ رڻ پٽ ۾ تبديل ڪندو اچي.ڪيڏو نہ الميو آھي جو پنجاب جون بنجر زمينون آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جون سرسبز زمينون بنجر بڻايون پيون وڃن. بھاول نگر ۽ حاصل پور بيراج سنڌ سڪائڻ جي سازش آھن، پنجاب جا حڪمران ڌاڙيل واہ ۽ ڪينال بند ڪرڻ بدران نوان ڌاڙيل بيراج ۽ ڊيم اڏي سنڌ کي ايٿوپيا بڻائي رھيا آھن. سنڌو درياءَ جي وھڪرن کي روان دوان رکڻ لاءِ سنڌ جو عوم پرامن جدوجھد جاري رکندو.پي ڊي ايم ۽ پيپلز پارٽي جي حمايتي نگران سرڪار ھوش کان ڪم وٺي ۽ آئين ۽ قانون موجب 90 ڏينھن اندر اليڪشنون ڪرائي.نگران سرڪار کي سنڌ جي پاڻي سميت زمينن قدرتي ۽ معدني وسيلن تي قبضو ڪرڻ جو ڪوبه اختيار ناھي.سنڌ کي پنھنجي حصي پتيء جو پاڻي ڏئي، سنڌو درياءُ تي زبردستي بيراجن ۽ ڊيمن جا سازشي منصوبا جوڙيندڙن کي گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزائون ڏنيون وڃن. سنڌو درياءَ جي پاڻي جي وھڪرن تي ڪروڙين ماڻھن، ھزارين نسلن جي ڪيترن ئي جانورن ۽ پکي پکڻ ۽ ٻي آبي جيوت جي زندگين جو دارومدار آھي، سنڌو درياءَ کي سڪائڻ جو مطلب سنڌي عوام جي نسل ڪشي آھي، سنڌو درياءَ تي ڌاڙن خلاف ملڪ جي ترقي پسند ڌرين کي پنھنجو موقف واضع ۽ چٽو رکي مظلوم قومن جو ساٿ ڏيڻ گھرجي. اسٽيبلشمينٽ نواز نگران سرڪار جيڪڏھن ڌاڙيل ڊيمن ۽ بيراجن جو فيصلو واپس نہ ورتو تہ ملڪ جو جمھوريت پسند عوام اھو سمجھڻ ۾ حق بجانب آھي تہ غيرجھموري قوتن جي ناجائز مفادن جي پورائي لاءِ وفاقي سرڪار ڪروڙين ماڻھن جي نسل ڪشي ڪندي دير نہ ڪندي. اڳواڻن وڌيڪ چيو تہ تربيلا بيراج ٺھيو ئي سنڌ جي لاءِ ھو، جنرل ايوب سنڌ جون ٽي نديون غيرقانوني طور ھندستان کي وڪڻي آيو ھو، انھن ٽن ندين مان سنڌ جي آباد ٿيندڙ زمينن کي پاڻي پھچائڻ لاءِ ھي بيراج ٺاھيو ويو ھو، ھاڻي جڏھن تربيلا ۽ منگلا جي گنجائش گھٽجڻ ڪري سنڌ جي زمينن کي گھربل پاڻي پھچائڻ لاءِ ڪو بندوبست ڪرڻ بدران پنجاب لاءِ 3 ڊيم ۽ 2 بيراج اڏيا پيا وڃن، جيڪا سراسر ناانصافي آھي. رپورٽ ٿيل انگ اکرن مطابق سنڌو درياءَ جي ڀرتو ندين تي 5 نوان ڊيم ۽ بئراج اڏي پنجاب جي 34 لک ايڪڙ کان وڌيڪ بنجر زمين کي آباد ڪيو ويندو. ڀاشا ڊيم مان ڪئنالن وسيلي سنڌ جي حصي جي پاڻي مان ناجائز ڪٽوتي ڪئي ويندي.. اڳواڻن وڌيڪ چيو تہ نوان ڊيم اڏي سنڌ کي وڌيڪ بنجر ۽ غيرآباد ڪيو ويندو. اڳ ۾ ئي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي سنڌ جي زراعت کي تباہ ڪري، سنڌي عوام کي بکون ڪاٽڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. عوامي تحريڪ سنڌو درياءَ ۽ ان جي ڀرتو ندين تي ڪنھن بہ ڊيم، ڪئنال يا بئراج کي رد ڪري ٿي، ملڪي ۽ بين الاقوامي قانون مطابق سنڌو درياءَ جي پاڻي تي سڀ کان پھريون حق سنڌ جو آھي.پر سنڌ سان پاڻي جي مسئلي تي انصاف ڪرڻ ۽ کين حصي پتيء جو پورو پاڻي ڏيڻ بدران سنڌ جي پاڻيء تي زبردستي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن.پاڻي زندگيء ۽ جياپو آھي سنڌ جو عوام پنھنجي جياپي جي وسيلن تان ڪڏھن به دستبردار نه ٿيندو.
