بي شمار مسئلن ۽ محدود وسلين جي باوجود بهتر ڪم ڪريون پيا، شهلا رضا

بي شمار مسئلن ۽ محدود وسلين جي باوجود بهتر ڪم ڪريون پيا، شهلا رضا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عورتن جي ترقي واري صوبائي وزير سيده شهلا رضا چيو آهي ته مسئلا وڌيڪ آهن ۽ وسيلا محدود آهن پر تنهن هوندي به بهتر ڪم ڪري رهيا آهيون، اين جي او جو سهڪار عورتن کي درپيش مسئلن جي حل ۾ خاطر خواه نتيجا فراهم ڪري رهيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي عورتن جي ترقي واري کاتي، اين ايف پي اي، (UNFPA)، پاٿ فائنڊر انٽرنيشل ۽ ليگل ايڊ سوسائٽي جي سهڪار سان ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ منعقد ڪيل ملٽي سيڪٽرل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي (MSCC) جي ٻن ڏينهن واري ساليانه ڪانفرنس سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر سهيل احمد راجپوت، يو اين ايف پي جي رينوڪا سوامي، پاٿ فائنڊرز انٽرنيشنل جي ورشا قاضي، اسپيشل سيڪريٽري گهرو کاتو عدنان ارشد، پاٿ فائنڊر انٽرنيشنل جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عائشه ۽ ٻيا موجود هئا. صوبائي وزير سيده شهلا رضا چيو ته عورتن ۽ ٻارڙن جي لاڳاپيل مسئلن جي حل لاءِ اسان برادرين کي متحرڪ ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان کي معاشري کي متوازن رکڻ لاءِ قانون ۽ انصاف جي نظام کي پڻ بهتر بڻائڻو پوندو. هن چيو ته اڄ ڀرپور آگاهي ۽ تربيتي پروگرامز جي بدولت جنس بنياد تي تشدد (Gender Based Violence) جي واقعن جي رپورٽ ٿيڻ باعث اطمينان آهي جڏهن ته ان کان اڳ گهريلو ۽ معاشرتي دٻاءُ يا ضابطن جي لاڳاپيل آگاهي ۽ معلومات نه ٿيڻ جي وجه سان ايئن نه ٿيندو هو. ان موقعي تي فني ورڪنگ گروپس ۽ پينلسٽس سنڌ ۾ عورتن دوست قانون سازي جي تعريف ڪئي ۽ جنس بنياد تي تشدد جي روڪٿام ۽ ردعمل لاءِ رڪاوٽن ۽ اڳتي وڌڻ جي رستن بابت ڪيسن جي جواب ڏيڻ لاءِ ڪيس مينجمينٽ اپروچ اپنائڻ، لاڳاپيل کاتن ۾ اهلڪارن کي فعال ۽ متحرڪ ڪرڻ ۽ صوبائي ۽ مقامي سطح تي لاڳاپيل کاتن جي وچ ۾ سهڪار ۽ اسحتڪام کي مضبوط بڻائڻ تي بحث جي ۽ بحث جي روشني ۾ سفارشون چيف سيڪريٽري سنڌ سمورن سفارشن جي حوصلا افزائي ڪندي جنس بنياد تي تشدد جي خلاف پنهنجي عزم کي ورجايو ۽ ايندڙ هفتي ذيلي ڪميٽي جي سربراهن سان گڏ فالو اپ ميٽنگز جو پڻ اعلان ڪيو. ڪانفرنس سان رينوڪا سوامي، ڊاڪٽر عائشه رشيد ۽ ٻين پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو