بيگم ڀٽو، شفقت، صبر ۽ حوصلي جي علامت هئي: بلاول

بيگم ڀٽو، شفقت، صبر ۽ حوصلي جي علامت هئي: بلاول

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو شفقت، صبر ۽ حوصلي جو نمونو آهي، هن پاڪستان جي جمهوريت ۽ عوام جي خاطر پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ کان ڪڏهن به ڪيٻايو نه ڪيو.بلاول هائوس ميڊيا سيل مان جاري ڪيل پريس رليز موجب پ پ چيئرمين بيگم نصرت ڀٽو کي سندس 12هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته جمهوريت جي ماءُ بيگم نصرت ڀٽو هڪ دور کي جنم ڏيندڙ شخصيت هئي. جنهن پاڪستان جي عوام کي خودمختياري بحال ڪرڻ لاءِ هڪ بدترين آمر خلاف تاريخي تحريڪ هلائي.هن چيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل کانپوءِ جيستائين صحت سندس ساٿ نه ڏنو.بيگم ڀٽو عوام جي حقن لاءِ وڙهندي رهي ۽ ڪڏهن به چين کان نه ويٺي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جمهوريت جي ماءُ جي جدوجهد اسان لاءِ مشعل راهه آهي، هوءَ هميشه اسان جي دلين ۽ تاريخ ۾ زنده رهندي. هن چيو ته اڄوڪو ڏينهن ان عهد ڪرڻ جو ڏينهن آهي ته عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ان ئي جرئت، عزم ۽ آزادي سان جاري رکنداسين، جهڙي طرح جمهوريت جي ماءُ جدوجهد ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو