بيوروڪريسي ۾ اُٿل پٿل، سيڪريٽريز ،ڪمشنرز ۽ ڊي سيز تبديل

بيوروڪريسي ۾ اُٿل پٿل، سيڪريٽريز ،ڪمشنرز ۽ ڊي سيز تبديل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اليڪشن ڪميشن پاران ڪامورن جي بدلين ۽ مقررين لاءِ سنڌ سرڪار جي سفارش ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي ڪمشنر ڪراچي اقبال ميمڻ کي تعليم کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪرڻ تي اعتراض واريا ويا آهن، اقبال ميمڻ کي گهرو کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي اليڪشن ڪميشن شيرين ناريجو کي اسڪول ايجوڪيشن ۾سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، بقاءُ الله انڙ کي ليبر کاتي ۾سيڪريٽري مقرر ڪرڻ تي به اعتراض واريا ويا آهن، جڏهن ته شارق احمد کي ليبر کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي عاطف رضا کي گھرو سيڪريٽري ۽ سردار شاھ کي سيڪريٽري آبپاشي لڳائڻ تي به اعتراض ڪيا ويا آهن، ناصر عباسي کي آبپاشي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي نجم شاھ کي صحت کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن اعتراض واريندي کيس جھنگلي جيوت کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي سنڌ جي 6 ڊويزنز جي ڪمشنرن جي سروسز کاتي واري سفارش منظور ڪئي وئي آهي سليم راجپوت ڪمشنر ڪراچي، خالد حيدر شاھ ڪمشنر حيدرآباد، فيصل عقيلي ڪمشنر ميرپورخاص، محمد ساجد ڪمشنر شهيد بينظيرآباد، ذوالفقار شاھ ڪمشنر سکر ۽ وحيد شيخ ڪمشنر لاڙڪاڻو مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ڪمشنر شفيق مهيسر سکر جي ڪمشنر غلام مصطفيٰ ڦُل ۽ شهيد بينظير جي ڪمشنر محمد عباس بلوچ کي عهدن تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ميرپورخاص جي ڪمشنر شفيق مهيسر، سکر جي ڪمشنر غلام مصطفيٰ ڦُل ۽ شهيد بينظير جي ڪمشنر محمد عباس بلوچ کي عهدن تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي وفاق مان آيل 21هين گريڊ جي زاهد عباسي کي سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو مقر ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو