اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بيلاروس جو صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو ٽن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهتو،وزيراعظم شهباز شريف بيلاروس جي صدر جو نور خان ايئربيس تي استقبال ڪيو، بيلاروس جو صدر 27 نومبر تائين پاڪستان جو دورو ڪندو،نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير محسن نقوي، سڌ سماءَ وارو وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ اعليٰ حڪومتي عملدار به معزز مهمان جي استقبال لاءِ موجود هئا،بيلاروس جو صدر پاڪستان جي دوري دوران اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪندو. پاڪ-بيلاروس قيادت ٻطرفي تعاون ۽ لاڳاپن کي وڌائڻ لاءِ ڳالهيون ڪندي،ان کان علاوه بيلاروس جي صدر جي پاڪستان جي دوري دوران ڪيترن ئي معاهدن ۽ ايم او يوز تي صحيحون ڪيون وينديون.










