بورڊ پاڻي جي فراهمي منصفاڻي ۽ ورڇ لاءِ درست قدم کڻي پيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ميئر ڪراچي ۽ چيئرمين واٽر ڪارپوريشن بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جي هدايتن تي واٽر ڪارپوريشن سڄي شهر ۾ بنا ڪنهن وقفي پاڻي جي فراهمي ۽ ان جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ واٽر ڪارپوريشن سياست، مذهب، قوم، ذات پات ۽ نسل جي بنا ڪنھن فرق سمورن شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار سي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان پاران پي پي ڪراچي جي اڳواڻ ۽ ڪي ايم سي جي پارلياماني ليڊر سيد نجمي عالم، پي پي اڳواڻ علي احمد جان ۽ ٽائون چيئرمين صفورا راشد خاصخيلي سان الڳ الڳ ملاقات دوران ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن پاران واٽر ڪارپوريشن اختيارين کي شهر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي مختلف مسئلن آگاهي ڏيندي چيو تہ سمورن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي، سي او او واٽر ڪارپوريشن اڳواڻن کي سمورن مسئلن جي فوري حل ڪرڻ جو يقين ڏياريندي موقعي تي موجود لاڳاپيل آفيسرن کي هدايتون جاري ڪندي پابند ڪيو تہ سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن ڇاڪاڻ تہ شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحات ۾ شامل آهي، هن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ واٽر ڪارپوريشن هڪ نئين عزم ۽ نئين سڃاڻپ سان شهرين جي خدمت لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، ملاقات دوران ايس او ٽو چيئرمين واٽر ڪارپوريشن نديم احمد ڪرماڻي، چيف انجينئر بلڪ سڪندر زرداري، چيف انجنيئر ڊبليو ٽي ايم ظفر پليجو، محمد علي شيخ، غلام محمد حب، سيد اعجاز احمد ۽ غلام مصطفي مڱن سميت ٻيا عملدار پڻ موجود ھئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو