بهرام (رپورٽر) بهرام ڀرسان درگاهه حاڪم شاهه جي مک دروازي تي نوجوان ناري قتل ٿي وئي،ٻڌايو پيو وڃي ته قربان مگسي سميت 2 جوابدارن ڳوٺ حسين بخش مگسي واسڻ 23ورهين جي افسانه مگسي کي گوليون هڻي قتل ڪيو،مقتولا ناري جي ناني موجب افسانه تي گذريل رات نظام مگسي سان ڪارنهن جي تهمت مڙهي وئي هئي،ناري جي ناني خاڪي فقير چيو ته افسانه کي سام طور درگاهه جي حويلي ڇڏڻ لاءِ وٺي وڃي رهيو هيس ته کيس قتل ڪيو ويو
