بلوچ يڪجهتي مارچ تي اسلام آباد پوليس ڪڙڪي پئي، ڪيترائي گرفتار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي، ماورائي عدالتي ڪارروائي جي خاتمي ۽ بلوچن جي قتل جي عدالتي انڪوائري جي مطالبن سان بلوچستان جي علائقي تربت کان اسلام آباد پهچندڙ بلوچ يڪجهتي مارچ پوليس رات دير جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو آهي. شرڪت ڪندڙن پوليس تي ’پرامن مظاهرين‘ تي تشدد ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي، پر پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته گرفتاريون مظاهرين جي پٿراءُ کان پوءِ ڪيون ويون.اسلام آباد پوليس جي هڪ آفيسر موجب چونگي نمبر 26 ۽ نيشنل پريس ڪلب ٻاهران پوليس ڪاررواين دوران هن وقت تائين عورتن سميت 226 مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتار ٿيلن کي ابپارا، ڪوهسار، سيڪريٽريٽ پوليس ۽ مارگلا ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته احتجاج ڪندڙ عورتن کي وومين ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو آهي.ڪيترن ئي مارچ ڪندڙن ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي ته اسلام آباد ۾ نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ پرامن مظاهرين تي پوليس لاٺي چارج ڪيو ۽ سخت سرد موسم ۾ مٿن پاڻي جو اسپري ڪيو

پهنجو تبصرو موڪليو