ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)برسات سبب اولهه واريون هوائون اڄ رات بلوچستان ۾ داخل ٿينديون، جنهن سبب صوبي جي 18 ضلعن ۾ 2 کان 4 جنوري تائين برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته برسات سبب مغربي هوائون اڄ رات کان ملڪ جي اولهندي علائقن ۾ داخل ٿينديون ۽ 6 جنوري تائين ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ رهنديون.انهن هوائن سبب پهرين جنوري کان 4 جنوري تائين ڪوئيٽا، زيارت، چمن، پشين، قلعه عبدالله، قلعه سيف الله، چاغي، نوشڪي، قلات، خضدار، هرنائي، ژوب ۽ موسيٰ خيل جي ضلعن ۾ وقفي وقفي سان تيز هوائون هليون. جبلن تي گجگوڙ سان برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي.پي ڊي ايم اي صوبي جي 18 ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي الرٽ جاري ڪندي ڪنهن به قسم جي صورتحال لاءِ تيار رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.پي ڊي ايم اي سياحن کي هدايت ڪئي آهي ته هو 2 کان 4 جنوري تائين صوبي جي جابلو علائقن جو سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن.










