ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) بلوچستان مان ڪانگو وائرس ۾ مبتلا هڪ ٻيو مريض ڪراچي منتقل، صحت کاتي سنڌ جي ترجمان موجب بلوچستان مان ڪانگو وائرس ۾ مبتلا هڪ ٻئي مريض کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو،ترجمان جو چوڻ آهي ته 35ورهين جي مريض کي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف انفيڪشن ڊيزيز اسپتال نيپا ۾ قائم ڪانگو وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو،صحت کاتي سنڌ جي ترجمان موجب ڊاڪٽرن موجب مريض جي حالت خراب آهي، بهتري لاءِ ڪوششون ڪيون پيو وڃن، بلوچستان مان 17 مريضن کي سنڌ ۾ منتقل ڪيو ويو هو، 12مريض آغا خان ۾ داخل آهن،ياد رهي ته ڪوئيٽا جو هڪ ڊاڪٽر ڪانگو ۾ فوت ٿي چڪو، سنڌ ۾ ڪانگو وائرس پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ صحت کاتي پاران هنگامي قدم پڻ کنيا ويا
