50 وارڊن ۾ جنرل سيٽن لاءِ مڪاني چونڊ جو وقت ختم،ڳڻپ جاري

50 وارڊن ۾ جنرل سيٽن لاءِ مڪاني چونڊ جو وقت ختم،ڳڻپ جاري

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي 25 ضلعن جي 50 وارڊن ۾ جنرل سيٽن لاءِ مڪاني چونڊون اڄ ٿي رهيون آهن. 50 جنرل سيٽن لاءِ 167 اميدوارن ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي، زوب، لورالائي، قلعه سيف الله، مستونگ ۽ پنجگور ۾ 4-4 جنرل سيٽن تي مڪاني چونڊون ٿي رهيون آهن. اليڪشن ڪميشن موجب ڪوهلو ۽ ڪڇي ۾ 3 جنرل سيٽن لاءِ پولنگ ٿيندي، جڏهن ته پشين، شيراني، هرنائي، خضدار، سوراب ۽ لسٻيلا ۾ 2 جنرل سيٽن لاءِ پولنگ ٿيندي. چاغي، خاران، واشڪ، برخان، سبي، نصيرآباد، جعفرآباد، صحبت پور، قلات، حب، ڪيچ ۽ گوادر ۾ هڪ هڪ جنرل سيٽ تي به پولنگ ٿيندي. اليڪشن ڪميشن موجب، انهن سيٽن تي چونڊن لاءِ سڀئي انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ سامان پولنگ اسٽيشنن تائين پهچايو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن عملدارن موجب، پولنگ صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بغير ڪنهن وقفي جي جاري رهندي

پهنجو تبصرو موڪليو