ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ خرم شير زمان بلديه عظميٰ جي سٽي وارڊن جي پلاٽ جو دورو ڪيو.خرم شير زمان زنگ آلود بسن جي وڊيو جاري ڪندي پلاٽ تي بيٺل بسن جي حالت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان چيو ته ڪراچي جي عوام جو پئسو گرين ميٽرو بس سروس جي صورت ۾ ضايع ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته نيون بسون متعارف ڪرايون پيون وڃن پر پراڻيون بسون زنگ آلود ٿي رهيون آهن.خرم شير زمان جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي عوام جو پئسو بيدردي سان ضايع ڪيو پيو وڃي.










