ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڇنڇر تي پي پي گهوٽڪي جي اهم اڳواڻن، علي گوهر خان مهر پنهنجي ننڍي ڀاءُ راجا مهر سان گڏ پي پي چيئرمين سان ملاقات ڪئي. پ پ ۾ شامل ٿيل جي ڊي اي جي اڳوڻي اڳواڻ علي گوهر خان مهر پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪري ايندڙ چونڊن بابت مشورو ڪيو. پ پ ۾ شموليت کانپوءِ علي نواز خان مهر عرف راجا خان مهر ۽ علي انور خان مهر به بلاول هائوس ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري علي گوهر خان مهر، راجا خان مهر ۽ علي انور خان مهر جي پ پ ۾ شموليت تي آجيان ڪئي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي علي .گوهر خان مهر، راجا خان مهر ۽ علي انور خان مهر ملاقات ۾ پ .پ اڳواڻ ناصر شاهه ۽ محمد بخش خان مهر به موجود هئا مهر سردارن چيو ته جلد خان ڳڙهه ۾ عوامي جلسو ڪيو ويندو ٻئي پاسي خالد خان لنڊ پنهنجي پٽ سردار خان لنڊ سان گڏ پي پي چيئرمين سان ملاقات ڪئي.
