ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي پٽ بلاول ڀٽو زرداري جي 35هين سالگرهه 21 سيپٽمبر تي ملهائي ويندي ان ڏس ۾ فيصل آباد سميت ملڪ ۾ پي پي جي اهتمام هيٺ سالگرهه جا ڪيڪ ڪاٽيا ويندا ۽ بلاول ڀٽو جي ڊگهي ڄمار لاءِ دعائون گهريون وينديون بلاول ڀٽو زردري اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقارعلي ڀٽو جو ڏهٽو ۽ آصف علي زرداري جو وڏو پٽ آهي بلاول ڀٽو زردري 21 سيپٽمبر 1988 ۾ ڄائو بلاول ڀٽو پاڪستان جو پرڏيهي وزير به رهي چڪو آهي.
