اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي گهر پهتو،چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون،ملاقات ۾ اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف ۽ قمر زمان ڪائره چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ موجود آهن.جمعيت علماءِ اسلام ف جي وفد ۾ مولانا عبدالغفور حيدري، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ، مولانا لطف الرحمان، مولانا اسد محمود ۽ حاجي غلام علي شامل هئا،ذريعن موجب مولانافضل ملاقات ۾ پارليمنٽ ۾ مدرسن بابت پاس ٿيل بل تي صحيح نه ٿيڻ تي شڪايت ڪئي ته صدر صحيح ناهي ڪئي ته بلاول ڀٽو چيو ته هو پنهنجي والد صاحب سان ڳالهائيندو ان جو حل ڪڍندو،










