مانجهند (ن س)آمريڪا ۾ 4 ڏينهن اڳ فوت ٿيل سينئر قومپرست ڪارڪن سيد ۽ سنڌ جي عاشق بشير شاهاڻي جي سن ۾ تدفين قومي گيتن سان ڀيٽا پيش سياسي شخصيتن جي شرڪت تفصيل موجب آمريڪا ۾ چار ڏينهن اڳ فوت ٿيل سينئر قومي ڪارڪن سائين جي ايم سيد جي عاشق بشير شاهاڻي جي تدفين سندس وصيت موجب شاه حيدر قبرستان سن ۾ ڪئي وئي جنازي نماز ۾ ايس يو پي سربراه سيد جلال محمود شاه مرڪزي صدر سيد زين شاه جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جسم چئرمين رياض چانڊيو ڪشمور ضلع جي چئرمين گل محمد جکراڻي اديب تاج جويو جست اڳواڻ سورهيه سنڌي سيد غلام شاه رسول بخش ٿيٻو دودو ديشي ۽ ٻين قومي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏھن ت صوفي فنڪار مانجهي فقير ساٿين سميت قومي گيت وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو ۽ صوفياڻي سرن سان زبردست ڀيٽا پيش ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن مرحوم جي سنڌ لاء اهم ڪردار تي پڻ ڳالهائي ڀيٽا پيش ڪئي
