لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته عمران خان جي گهرواري قوم کي جاڳڻ جو چئي پاڻ سمهي پيئي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته لاهور ۾ امن آهي، ماڻهو ناشتو ڪري رهيا آهن ۽ موڪلون ملهائي رهيا آهن، صوبائي راڄڌاني ۾ ڪا به افراتفري ناهي.هن چيو ته لاهور ۾ هڪ به ماڻهو ٻاهر ناهي آيو، پنجاب ۾ سندن 104 ايم پي ايز آهن.بشرا بيبي انقلاب لاءِ احتجاج ۾ شرڪت نه ٿي ڪري سگهي، بشرا باجي قوم کي جاڳڻ جو چئي سمهي رهي آهي. بشرا بي بي بيان ڏيڻ کان پوءِ فون بند ڪري ڇڏيو. عظميٰ بخاري چيو ته مان قاسم ۽ سندس ڀاءُ جي والد جي اچڻ جو هر روز انتظار ڪندو آهيان. پي ٽي آءِ جو انقلاب ڪٿي ڪٿي روڊن تي رهجي ويندو، ڪي پي جا ماڻهو ئي ڏسندا، گنڊاپور صاحب اڃا نه جاڳيو آهي.










