برنس روڊ فوڊ اسٽريٽ کي ماڊل اسٽريٽ بڻايو ويندو: آغا فخر حسين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين برنس روڊ فوڊ اسٽريٽ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر امتياز شاهه پڻ ساڻس گڏ هو. برنس روڊ فوڊ اسٽريٽ ايسوسيئيشن جي عهديدارن ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ امتياز شاهه جو استقبال ڪيو.ان موقعي تي بچيل کاڌي پيتي جي شين جي ريسائيڪلنگ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين چيو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي برنس روڊ فوڊ اسٽريٽ کي ماڊل فوڊ اسٽريٽ بڻائڻ چاهي ٿي. هن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ برنس روڊ فوڊ اسٽريٽ تي ٻن قسمن جا سائي رنگ جا دٻا رکيا ويندا. بچيل کاڌي پيتي جون شيون هڪ دٻي ۾ گڏ ڪيون وينديون جڏهن ته اڻ کاڌل شيون ٻئي دٻي ۾ گڏ ڪيون وينديون. آغا فخر حسين وڌيڪ چيو ته سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جون گاڏيون اهي شيون گڏ ڪنديون انهن شين کي ٻيهر استعمال ڪيو ويندو ۽ ڀاڻ طور استعمال ڪيو ويندو. برنس روڊ فوڊ اسٽريٽ ايسوسيئيشن جي عهديدارن سنڌ فوڊ اٿارٽي ۽ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جي منصوبي کي ساراهيو ۽ پنهنجي ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو