ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي آهي.بلاول هائوس ميڊيا سيل طرفان جاري ڪيل پريس رليز موجب بلاول هائوس ۾ ملاقات دوران برطانيا جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ساره موني پڻ موجود هئي.ملاقات ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ برطانوي سفارتڪارن گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.










