بدين ۾ روڊ حادثو، 2 ڄڻا فوت، زخمي اسپتال منتقل

بدين (ن س ) بدين ڀرسان روڊ حادثو ٻه ماڻھو فوت ٻہ ڄڻا زخمي ٿي پيا تفصيل موجب بدين نندو شھر روڊ تي بس اسٽاپ مراداڻي وٽ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمھون سامھون زوردار ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ ٽنڊو باگو جو رھواسي اصغر چانڊيو ۽ اسڪيپ موري جو رھواسي فتح محمد ھنگورجو سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي انڊس اسپتال بدين آندو ويو جتي رازڪو ڪم ڪندڙ ٽنڊو باگو واسي اصغر چانڊيو ۽ اسڪيپ موري جو رھواسي فتح محمد ھنگورجو فوت تي ويا جن جا لاش ضروري ڪارروائي کان پوء وارثن جي حوالي ڪيا ويا نندو شھر پوليس واقعي جي رپورٽ داخل ڪري وڌيڪ جانچ ڪري رھي آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو