بدمعاشي نه هلندي، عزت ڏيندئو ته عزت ڪنداسين: وهاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته اسان کي رڙيون ڪرڻ جو شوق ناهي، عزت ڏيندئو ته عزت ڪنداسين. پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪائونسل اجلاس ۾ جماعت اسلامي جو ڪردار سڀني ڏٺو، بدقسمتي سان لچڪ باوجود اڄ به رويو سڀني جي سامهون آهي.هن چيو ته اجلاس شروع ٿيندي ئي احتجاج شروع ڪيو ويو، اجلاس ان ڪري ختم ڪيو ويو ته اڳتي سٺي انداز ۾ اجلاس ڪيون، گذريل ڏينهن به چيو هو ته اسان سڀني کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا، اڳ ۾ شهر ۾ ڪو ٻيو بدمعاشي ڪندو هو، هاڻ ڪو ٻيو ڪندو آهي. سندس موجب ميئر جي ڪرسي تي چاڪنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪو غير مناسب رويو آهي، ڪنهن کي بدمعاشي ڪرڻ نه ڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو