باني پي ٽي آءِ جو نائب ڪپتان آهيان، ڀڄڻ جو سوچي به نٿو سگهان

باني پي ٽي آءِ جو نائب ڪپتان آهيان، ڀڄڻ جو سوچي به نٿو سگهان

لاهور(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني نائب ڪپتان آهيان ڀڄڻ جو سوچي به نٿو سگهان،لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 9 مئي سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ پي ٽي آءِ جو وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي عدالت ۾ پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران شاهه محمود قريشي روسٽرم تي آيو ۽ چيو ته جڏهن ڪيس داخل ٿيا ته مان پنجاب ۾ به نه هوس، هڪ سال ٻن مهينن کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو. جڏهن مون کي آزاد ڪيو ويو ته مون کي 9 مئي جي ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو.هن چيو ته مان باني پي ٽي آءِ جو نائب ڪپتان آهيان، ڀڄڻ جو سوچي به نٿو سگهان، هي ماڻهو ڊڄن ٿا ته مان ٻاهر آيس ته ماڻهو گڏ ٿي ويندا.شاهه محمود چيو ته مان 40 سالن کان سياست ڪري رهيو آهيان، هڪ به ڪيس داخل ناهي ٿيو، هاڻي اوچتو 55 ڪيس داخل ٿي ويا آهن، اهي قوم جو وقت ضايع ڪري رهيا آهن، اسان کي عدالتن تي وڏو اعتماد آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو