باني پي ٽي آءِ جلسن جلوسن سان جيل مان نه نڪرندو: وزير

باني پي ٽي آءِ جلسن جلوسن سان جيل مان نه نڪرندو: وزير

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جيل مان جلسن سان نه نڪرندو.ميڊيا سان ڳالهائيندي عظميٰ بخاري چيو ته خيبرپختونخواهه جي بدقسمتي آهي ته ان کي پي ٽي آءِ جي باني جهڙا حڪمران مليا.ڪي پي ڪي جي عوام جي تقدير ۾ شايد جلسو لکيل هوندو، اڄ وري اهي ماڻهو اسلام آباد ۾ جلسا ڪرڻ وارا آهن پر پي ٽي آءِ جو باني جلسي مان جيل مان نه نڪرندو.مولانا فضل الرحمان جي حڪومت تي تنقيد بابت سوال جي جواب ۾ عظميٰ بخاري چيو ته مولانا فضل الرحمان اسان جو وڏو آهي، سندس ڳالهين تي رد عمل نه ڏينداسين.هن چيو ته ڊي جي خان جون حالتون وڌيڪ بهتر نه آهن، پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز ڊي جي خان جو دورو ڪيو ۽ نيوٽريشن پروگرام شروع ڪرڻ تي ڪيترن ئي ماڻهن کي اعتراض به آهن ته اهو پٺتي پيل علائقن جي شهرين لاءِ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو