باقر جي هدايت، کاتن جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نگران صوبائي وزير اطلاعات، اقليتي معاملن، سماجي تحفظ ۽ آرٽس ڪائونسل جي صدر محمد احمد شاهه چيو آهي ته نگران وڏي وزير سنڌ جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي هدايتن تي ”وزير کي حاضر ٿئي “ تحت صوبائي کاتن جي بريفنگ جو سلسلو جاري آهي. جنهن جو مقصد انهن ادارن جي ڪارڪردگيءَ کي ميڊيا ذريعي عوام تائين پهچائڻ آهي ۽ اڄ ان سلسلي جي ڇهين بريفنگ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نگران صوبائي وزير بلديات هائوسنگ ٽائون پلاننگ ۽ بحالي محمد مبين جماڻي ۽ ڊائريڪٽر جنرل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي محمد اسحاق کوڙو سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران صوبائي وزير اطلاعات، اقليتي معاملن، سوشل سيڪيورٽي وڌيڪ چيو ته وزير حاضر ٿئي ڪاميابي سان جاري آهي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو صحيح ۽ ڪجهه غلط ڪم ڪري رهيا آهن لاڳاپيل کاتو ان جو ذميوار آهي، اسان سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ ويٺا آهيون ڇو ته هن اداري بابت تمام گهڻيون غلط فهمي آهي. پر اها به حقيقت آهي ته نگران حڪومت اچڻ کان پوءِ ايس بي سي اي ۾ تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي ۽ ان جو سمورو ڪريڊٽ صوبائي مڪاني ادارن واري وزير مبين جماڻي کي وڃي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به آفيسر يا وزير کي ميڊيا آڏو اچڻ کان نه ڊڄڻ گهرجي. هن چيو ته ٻين ادارن کي به ميڊيا آڏو آڻينداسين. نگران وزير چيو ته پوليس کاتي جي اعليٰ آفيسرن سان گڏ ڀرپور پريس ڪانفرنس ڪئي. هن پريس ڪانفرنس ۾ پوليس کاتي جي ناقص ڪارڪردگيءَ سان گڏوگڏ مثبت ڪارڪردگيءَ به سامهون آئي. نگران صوبائي وزير لوڪل گورنمينٽ هائوسنگ ٽائون پلاننگ جو چوڻ هو ته ايس بي سي اي ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته نگران حڪومت اچڻ کان پوءِ جيڪو ڪجهه ڪيو آهي ان جا اسان ذميوار آهيون. هن چيو ته هر کاتي ۾ چڱا ۽ خراب ماڻهو موجود آهن، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ اڪثر سٺا ماڻهو آهن. گذريل چئن مهينن ۾ کاتي جي ڪارڪردگي اوهان سڀني جي سامهون آهي. هن وڌيڪ چيو ته الزام هڻڻ کان پهرين ان جي خلاف پڪو ثبوت کڻي اچن ۽ بنا ثبوت جي الزام لڳائڻ کان پرهيز ڪن. هن چيو ته گذريل 5 مهينن دوران ڪيل ڪمن جا نتيجا عوام جي سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته نه رڳو شڪايتن جو ازالو ڪيو ويندو پر مان پاڻ ڊي جي ايس بي سي اي سان گڏ انهن علائقن جو دورو ڪندس ۽ جيڪو به آفيسر ان ۾ ملوث هوندو ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل ايس بي سي اي محمد اسحاق کهوڙي چيو ته اسان نيڪ نيتي سان ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ جتي به اسان کي خبر پوي ٿي ته غيرقانوني اڏاوتون ٿي رهيون آهن ته اسان انهن کي ڊاهينداسين. هن وڌيڪ چيو ته اڄڪلهه بلڊر تمام سٺيون عمارتون ٺاهي رهيا آهن، جڏهن ته علائقي جي رهواسين کي به گهرجي ته انهن علائقن ۾ غير قانوني اڏاوتن جي نشاندهي ڪن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو