گهوٽڪي/سکر (ن س): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر غلام محمد مهر سول اسپتال جي اوچتو دوري دوران ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ۽ ڊائريڪٽر فنانس کي معطل ڪرڻ سميت گورنمنٽ باڊي تحليل ڪري ڇڏي ۽ ڪرپشن ۽ بدانتظامي ڪندڙن کي وائکو ڪرڻ لاءِ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ذريعي اسپتال جي اڪائونٽس جي فرانزڪ آڊٽ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ان موقعي تي وڏي وزير سان سندس پرنسپل سيڪريٽري حسن نقوي ۽ صحت وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر منصور رضوي پڻ موجود هئا. اڱاري جي صبح وڏي وزير پنهنجي ڏينهن جي شروعات غلام محمد مهر ميڊيڪل اسپتال (سول اسپتال سکر) جو اوچتو دورو ڪندي ڪيو. وڏي وزير اسپتال جي آءِ سي يو، آپريشن ٿيٽرز، فارميسي/ميڊيسن اسٽور ۽ ٻارن جي وارڊن جو دورو ڪيو ۽ مريضن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي اسپتال جي ڪارڪردگي بابت پڇاڳاڇا ڪئي. ڄاڻ وٺڻ کانپوءِ وڏي وزير کي خبر پئي ته نه ته ڊائريڪٽر جنرل ۽ نه ئي ٻين لاڳاپيل آفيسرن ڪڏهن به اسپتال جي سهولتن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪو معائنو ڪيو آهي. هن ڏٺو ته او پي ڊي وارڊ ۾ مرد ۽ عورت مريض بغير ڪنهن پردي جي بسترن تي ويٺا آهن جڏهن ته اسپتال ۾ مردن ۽ عورتن لاءِ الڳ الڳ او پي ڊي جي جاءِ/وارڊ موجود آهن. وڏي وزير چيو ته اسپتال انتظاميه دوائن جي مقامي خريداري يا معمولي مرمت ۽ سار سنڀال تي ٿيل خرچن جو رڪارڊ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. تنهنڪري وڏي وزير اسپتال جي ڊائريڪٽر فنانس کي معطل ڪري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسپتال جي ڪچن جي معائني دوران وڏي وزير چيو ته صورتحال انتهائي خراب آهي ۽ مريضن لاءِ باقاعده کاڌو تيار نه ڪيو پيو وڃي جڏهن ته اسپتال ۾ روزاني جي خريداري جو ڪوبه رڪارڊ موجود ناهي ۽ ايتري قدر جو مريضن کي پاڻ کاڌو پچائڻ ۽ ڏيڻ لاءِ ڪوبه ضروري سامان نه آهي. تنهنڪري وڏي وزير اسپتال جو مامرو صاف سٿرو ۽ شفاف انداز ۾ هلائڻ ۾ ناڪام وڃڻ تي اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ کي معطل ڪري ڇڏيو. وڏي وزير غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج اسپتال جي پرنسپال کي گهرايو جيڪو اسپتال جي گورننگ باڊي جو چيئرمين هو ۽ کيس چيو ته اوهان چيئرمين جي حيثيت ۾ اسپتال جي بورڊ جي نگراني واري ڪم ۾ ناڪام ويا آهيو تنهنڪري وڏي وزير گورنمنٽ باڊي کي ٽوڙڻ جو حڪم ڏيندي اينٽي ڪرپشن کي اسپتال جي اڪائونٽس جي فرانزڪ آڊٽ لاءِ مڪمل انڪوائري جو حڪم پڻ ڏنو. پوليس اسٽيشن سي سيڪشن: وڏي وزير گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز سان گڏ پوليس اسٽيشن سي سيڪشن جو اوچتو دورو ڪيو جتي کين هر شيءِ گندي نظر آئي. تازو برساتن سبب پوليس اسٽيشن جي عمارت ڊهي پئي جڏهن ته هٿيارخاني ۽ مالخاني ۾ مختلف قسمن جا ڪيڙا نظر آيا. وڏي وزير ايس ايس پيز، ڊي ايس پيز ۽ ڊي آءِ جي پوليس اسٽيشنن جو معائنو نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ڇوته وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ پاران سمورن ٿاڻن جي ضروري انسپيڪشن لاءِ پڌرنامو پڻ جاري ڪيو ويو هو. وڏي وزير پوليس کي خبردار ڪيو ته هو ڊرگ مافيا ۽ منظم ڏوهن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪري ۽ صوبائي پوليس تي عوام جو اعتماد پيدا ڪري. هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته توهان (پوليس) پنهنجي پوليس اسٽيشنن کي صاف ۽ محفوظ بڻايو ۽ پوليس اسٽيشنن ۾ انسپيڪشن رجسٽر کي يقيني بڻايو. دارالامان: وڏي وزير پنهنجي اوچتو دوري جي آخري مرحلي تي دارالامان پهتو جتي 24 قيدي هئا جن مان ڪجهه پنهنجي ٻارن سان گڏ رهيل هئا. وڏي وزير دارالامان جي حالت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هنڌن تي وهاڻا ناهن ۽ ڪمرن مان ڌپ اچي رهي آهي جڏهن ته قيدين پڻ انتظاميه جي رويي جي شڪايت ڪئي آهي. وڏي وزير ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته دارالامان جون حالتون بهتر ڪندي قيدين ۽ سندن ٻارن لاءِ سٺو ماحول بڻايو وڃي ۽ ٽي وي روم تيار ڪيو وڃي جتي هو ٽي وي ڏسي سگهن. هن ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته رڌڻي خاني، ڊائننگ هال ۽ واش رومز جي مرمت ڪرائي وڃي ۽ انهن کي هوادار بڻايو وڃي ته جيئن عورتون سٺي ماحول ۾ رهي سگهن. ان دوران هن ڊي سي کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي ليڊي اسسٽنٽ ڪمشنر ذريعي دارالامان جي معاملن بابت انڪوائري ڪرائي رپورٽ پيش ڪري…..سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ڊي سي آفيس ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال جو جائزو وٺندي مستقبل جي حڪمت عملي بابت مڪمل ۽ حتمي انتظامن جو پڻ جائزو ورتو ۽ هن حڪمت عملي کي ڪچي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف ”فيصلائتو“ آپريشن قرار ڏيندي سموريون گهربل ضرورتن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اجلاس ۾ گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز، آءِ جي پوليس رفعت مختار، ڊي آءِ جي سکر عبدالحميد کوسو، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جاويد جسڪاڻي، سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي مختلف ضلعن جي ايس ايس پيز ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. گينگ: وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته شڪارپور ۽ ڪشمور جي علائقن ۾ ڌاڙيلن جا 14 ٽولا موجود آهن، جنهن تي وڏي وزير چيو ته آپريشن جو مطلب انهن علائقن مان ڌاڙيلن جو خاتمو آهي. مستقبل جي حڪمت عملي بابت ڄاڻ ڏيندي آءِ جي پوليس وڏي وزير کي ٻڌايو ته ڪلين اپ آپريشن ۾ اهلڪارن جي مقرري لاءِ مربوط پاليسي کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سي ڊي آر ذريعي ڏوهارين، سندن مائٽن، بي پارٽين ۽ سهولتڪارن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته پوليس فورس ۾ ڪاري رڍن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ انهن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي ته جيئن آپريشن جي حڪمت عملي ۽ لائين آف ايڪشن ڌاڙيلن تائين پهچي نه سگهي. وڏي وزير چيو ته پوليس هني ٽريپس کي روڪڻ لاءِ قدم کڻي. وڏي وزير تجويز ڏني ته مختلف اسٽاپن تي سادي لباس ۾ پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو وڃي ۽ ان کان علاوه هني ٽريپرز پاران استعمال ٿيندڙ رستن تي پوليس چوڪيون قائم ڪيون وڃن. ان تي آءِ جي پوليس وڏي وزير کي ٻڌايو ته هنن 42 اهڙن هنڌن جي نشاندهي ڪئي آهي جتي چوڪيون قائم ڪيون ويون آهن. آءِ جي پوليس جو چوڻ هو ته هوٽلن، بس اسٽاپن ۽ ڪراسنگ پوائنٽس تي انٽيليجنس بنيادن تي سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي ۽ خاص آءِ ٽي ٽيمون هني ٽريپنگ تي ڪم ڪري رهيون آهن. وڏي وزير کي اهو پڻ ٻڌايو ويو ته ڪشمور ۽ شڪارپور جي علائقن ۾ 1680 پوليس چيڪ پوسٽون قائم ڪيون پيون وڃن جتي آپريشن شروع ٿيڻ کان اڳ 1680 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. آءِ جي پوليس جو چوڻ هو ته ڪشمور ۾ 2 ۽ شڪارپور ۾ هڪ مني-پوليس لائنون (Mini-Police lines) قائم ڪيون وينديون. مني پوليس لائنز اسڪول آف اسنائپر ٽريننگ، رهائش جون سهولتون، ويلفيئر ونگ، ايم ٽي سيڪشن ۽ رڌپچاءُ جون سهولتون هونديون. هن چيو ته مانيٽرنگ ۽ ضروري ڪارروائي لاءِ ڪشمور ۽ شڪارپور جو گڏيل ڪنٽرول روم به قائم ڪيو ويندو. ڪاميابيون: آءِ جي پوليس لاڙڪاڻو رينج پوليس جي ڪاميابين جي وضاحت ڪندي چيو ته 49 مقابلا ڪيا ويا جن ۾ 3 ڌاڙيل مارجي ويا، 13 زخمي ٿيا، 26 گرفتار، 1061 فراري گرفتار، 50 هٿيار هٿ ڪري کين هني ٽريپ کان بچايو ويو. سکر رينج جي حوالي سان ڳالهائيندي آءِ جي پوليس چيو ته پوليس ٽن هنڌن تي ناڪابندي ڪئي آهي جهڙوڪ ڪچا بند، گهوٽڪي فيڊر ۽ مريد شاخ جي ڀرپاسي سپلائي لائين بلاڪ ڪري ڇڏي آهي. وڏي وزير پوليس کي پنجاب پوليس ۽ بلوچستان پوليس سان گڏ رابطا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته مون پنجاب جي وڏي وزير سان اڳ ۾ ئي ڳالهه ڪئي آهي ۽ هن ضروري انتظام ڪيا آهن ته ڌاڙيلن خلاف سنڌ پوليس ۽ بلوچستان پوليس گڏجي آپريشن شروع ڪري. آءِ جي پوليس وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته ڪلين اپ آپريشن شروع ڪرڻ کان اڳ ٽنهي آءِ جيز جو گڏيل اجلاس گهرايو ويندو. اجلاس ۾ جڏهن پوليس فنڊز، هٿيار ۽ سامان جو معاملو اٿاريو ته وڏي وزير کين ٻڌايو ته هو موثر ۽ فيصلائتي آپريشن جي شرط تي کين سموريون گهربل منظوري ڏئي رهيو آهي. وڏي وزير چيو ته مون کي يقين آهي ته ان آپريشن کانپوءِ اغوا جي وارداتن جي ڪابه خبر نه ملندي.
