راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)جيل ڊپارٽمينٽ اڊيالا جيل جي اڳوڻي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ محمد اڪرم کي فرائض ۾ غفلت ڪرڻ تي برطرف ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي.ڊان نيوز موجب جيل کاتي جي ذريعن ٻڌايو آهي ته اڊيالا جيل جي اڳوڻي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ محمد اڪرم خلاف مئي 2024ع ۾ اڊيالا جيل جي اسپتال ۾ ٻن قيدين جي فوت ٿيڻ ۽ هڪ جي زخمي ٿيڻ واري ڪيس جي جاچ ڪئي پئي وڃي. انڪوائري دوران ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ سميت 6 اهلڪارن کي ڏوهه قرار ڏنو ويو ۽ قانوني پاسن ۽ ضابطن کي نظر ۾ رکندي اڳوڻي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ کي نوڪري تان برطرف ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. اڊيالا جيل جي گم ٿيل اڳوڻي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ محمد اڪرم کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي 7 ڏينهن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جڏهن ڪو اهلڪار لاڳاپيل جيل ۾ موجود نه هوندو آهي ته ان جو سرڪاري گهر خالي ڪرڻ قاعدن موجب هوندو آهي.










