اڪري چودڳي ۾ ساهرن جي ناري تي تشدد،وار ڪتري تذليل

اڪري چودڳي (ن س) اڪري چودڳي ويجهو ناري تي مبينا تشدد ۽ تذليل واري واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، اڪري چودڳي ويجهو مڙس ۽ ڏيرن هٿان مبينا تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻيل ناري واري واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو،ناري جي وارثن موجب ڳوٺ عبدالمجيد قمبراڻي ۾ مڙس ايوب ۽ ڏيرن جان محمد ۽ محمد نثار مسمات نسيم تي تشدد ڪيو، تشدد بعد نياڻي جي مٿي جا وار ڪتري تذليل جو نشانو بڻائڻ بعد کيس گهران ڪڍيو ويو متاثر ناري جي وارثن موجب واقعي کي 40 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس نه ڪيس داخل ڪيو نه ئي جوابدار گرفتار ڪيا، انصاف ڪيو وڃي،الزام هيٺ آيل ايوب قمبراڻي جو چوڻ هو ته گهرواري تي تشدد ۽ سندس تذليل ناهي ڪئي، ڪوڙو الزام هنيو پيو وڃي، معاملي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو