ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي 75 هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي.برصغير جا مسلمان باباءِ قوم جي پرجوش قيادت ۾ وجود ۾ آيا.نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته قائداعظم جي قيادت کانسواءِ مسلمانن لاءِ آزاد رياست جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿي سگهي ها. هن چيو ته پاڪستان هن وقت مشڪل دور مان گذري رهيو آهي، اسان کي اختلاف ختم ڪري پاڪستان جي ترقي لاءِ ڏينهن رات گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
